ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن

ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن

ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن

ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن (Dr. Raymond Alchin): آثارِ قديمه جي هن ماهر جو پورو نالو فرينڪ ريمنڊ آلچن هو. سندس جنم 9 جولاءِ 1923ع تي لنڊن جي شهر Harrow ۾ ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم ويسٽ منسٽر ايبي مان حاصل ڪرڻ بعد فن تعمير ۽ عمارتسازيءَ جو علم ۽ سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ ريجينٽ اسٽريٽ پولي ٽيڪنيڪ جي اداري ۾ داخلا ورتي، پر جلد ئي Royal Corps of Signal جي فوجي دستي سان گڏ هندستان ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي ڏکڻ هندستان جي فوجي دستن جي ڳجھين سازشن ۽ اوسي پاسي جي جنگي ماحول کي نظر انداز ڪري هن ٻيهر پنهنجو ڌيان فن تعمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۽ ثقافت طرف ڏنو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ هن School of Oriental and African Studies مان هندي ۽ سنسڪرت ۾ بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته 1954ع ۾ آثارِ قديمه جي شعبي مان پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جي شروعات هندستاني آثارِ قديمه ۾ ليڪچرار طور ڪيائين. 1959ع ڌاري ڪيمبرج روانو ٿيو ۽ هندستان، پاڪستان، نيپال، بنگلاديش ۽ سريلنڪا تي تحقيق ڪندي پنهنجي عملي ۽ تحقيقي ڪم جي باقاعده شروعات ڪيائين. 1921ع ڌاري برطانوي اڪيڊميءَ ۾ امتيازي رڪن مقرر ڪيو ويو. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان گڏ چرچل ڪاليج ۾30 سالن جي طويل عرصي تائين پڙهائڻ جي پيشي سان وابسته رهيو.
1989ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد کيس ڏکڻ ايشيا جي آثارِ قديمه جي Emiritus Reader جو خطاب ڏنو ويو. هن برجيٽ آلچن سان شادي ڪئي، جنهن سندس تحقيق جي ڪم ۾ وڏي مدد ڪئي. ڏکڻ ايشيا، قديم هندستان ۽ ايران تي تحقيق جي حوالي سان هن پنهنجي گھر واري برجيٽ آلچن، پروفيسر هيرالڊ بيلي، پروفيسر جوهانا وين، لوهينزن ڊي ليو ۽ ڊاڪٽر جان وان لوهيزن جي سهڪار سان يونيورسٽيءَ جي سطح تي 1987ع ۾ هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن سان ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ موجود قديم آثارن جي تحقيق ۽ علمي واڌاري ۾ تمام گھڻي مدد ملي. ان ٽرسٽ تحت آثارِ قديمه جي شاگردن جي تحقيق جي سلسلي ۾ لائبررين تائين رسائي، قديم آثارن متعلق مختلف موضوعن تي رٿيل ليڪچرن، سيمينارن ۽ تدريسي موضوعن تي بحث مباحثي جي رٿيل پروگرامن ۾ ريمنڊ آلچن ۽ سندس گھرواري برجيت آلچن شاگردن جي سرپرستيءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا. سندس ڪيل اهم تحقيقن ۽ کوجنائن ۾ نئين پٿر جي دؤر Deccan Neolithic جي آثارن جي کوجنا (Utnur 1961-63 & Piklihal 1960) اهم آهي. هن انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي گھر واري برجيٽ آلچن سان ننڍي کنڊ جي تاريخ کان اڳ وارن قديم آثارن تي تحقيق ڪندي ان ڪم جو خاڪو تيار ڪيو. ٻنهي گڏجي The Birth of Indian Civilization جھڙو ڪتاب لکيو، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي پريس مان ڇپيو. هي رڳو آرڪيالاجسٽ ڪونه هو، پر سٺو مترجم به هو. هن ڪاليداس کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهو ترجمو اڄ به انگريزي ادب ۾ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. ’ڪويتا وليءَ‘ تي سندس لکيل مقدمو سندس علمي ڄاڻ ۽ سنسڪرت تي دسترس جو ثبوت آهي. هن مهر ڳڙهه جي ٺيڪري ٿانون کان اڳ واري دور (Pre Pottery Period) کي دنيا سان روشناس ڪرايو. ان کانسواءِ هن گيتا دؤر جي اشوڪ اعظم جي انهن ڪتبن کي ڳولي هٿ ڪيو، جيڪي کيس هندستان جي ڀرپاسي وارن هنڌن تان مليا، انهن جو ترجمو ۽ تشريح لکيائين. اهي ڪتبا/ لکتون قديم براهمي خط ۾ لکيل هئا.
ان ڏس ۾ مهرڳڙهه مان لڌل آڳاٽي دؤر جي Pre-Pottery ۽ انوراڌاپور جي علائقي مان مليل آڳاٽي اشوڪا براهمي لکت جا ڪتبا به اچي وڃن ٿا. هن پنهنجي قابليت جي آڌار تي پنهنجيءَ سرپرستيءَ هيٺ آثارِ قديمه جي شاگردن ۾ تحقيق جي حوالي سان شمارياتي خصوصيتون اجاگر ڪيون، جن اڳتي هلي تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو.
هن هندستان ۽ سريلنڪا جي قومي تحقيقي ادارن ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور پنهنجا فرض سر انجام ڏنا. سندس تحقيقي ڪم تي مشتمل مختلف ڪتاب ڇپيل آهن. هن پهريون ڪتاب ننڍي کنڊ جي ابتدائي تاريخي آثارن بابت پنهنجي گھر واريءَ برجيٽ آلچن سان گڏ The Birth of Indian Civilization ، 1968ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ٻيو تحقيقي ڪتاب The Rise of Indian Civilization in India and Pakistan، 1982ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس مشهور ڪتاب The Archaeology of Early Historic South Asia 1995ع ۾ شايع ٿيو.
آثارِ قديمه جي هن ماهر ۽ استاد 4 جون 2010ع تي وفات ڪئي. سندس ڪيتريون لکڻيون گھر واريءَ برجيٽ آلچن سان گڏيل طور ڇپيل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
• Neolithic Cattle Keepers of South India (1963).
• The Petition of Rama (1966).
• The Archaeology of Afghanistan (1978) with Norman Hammond.
• The Rise of Civilization in India & Pakistan (1982).
• Archaeology of Early Historic South Asia: Emergence of Cities & States (1995).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.07.09  عيسوي

آثارِ قديمه جي هن ماهر جو پورو نالو فرينڪ ريمنڊ آلچن هو. سندس جنم 9 جولاءِ 1923ع تي لنڊن جي شهر Harrow ۾ ٿيو.


2010.06.04  عيسوي

آثارِ قديمه جي هن ماهر ۽ استاد 4 جون 2010ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه شجاع پٺاڻ
انجنيئرعبدالوهاب سهتو
ارباب تاج محمد
ڌناڻي محمد رفيق
چاچڙ حاجي خان اول
جلال محمد هالائي مخدوم
سمه بن ديوائچ
رمضان مگسي
شفيق الزمان مخدوم
شيخ حبيب الله ماستر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون